خاصخيلي، يڪو ملهه

خاصخيلي، يڪو ملهه

خاصخيلي يڪو ملهه

خاصخيلي، يڪو (ملهه): نالي واري ملهه پهلوان يڪي خاصخيلي، ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. پوءِ سندس مائٽ اتان لڏي وڃي ٽنڊي غلام عليءَ ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. کيس ننڍي هوندي کان ئي ملهه جو شوق هوندو هو، تنهنڪري ننگرپارڪر جي مشهور پهلوان سانوڻ خان چانڊيي کان ملهه جي باقاعدي سکيا ورتائين. استاد سانوڻ خان کيس ٿوري عرصي ۾ ملهه جا سڀ انگ سيکاري شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ کيس ملاکڙن ۾ ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني. ٽئين جوڙ ۾ ڏيڍ سال وڙهڻ کانپوءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ڪري ٻئين جوڙ ۾ شامل ٿيو. ٻئين جوڙ ۾ پهچڻ کانپوءِ هن سڄي سنڌ جي ملاکڙن ۾ شرڪت ڪري مشهور پهلوانن سان مقابلا ڪري سرسي حاصل ڪئي. ڏيڍ سال بعد ترقي ماڻي پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿيو. پهرئين جوڙ ۾ اچڻ کانپوءِ هن کي وڏن وڏن ملهه پهلوانن سان مقابلا ڪرڻا پيا، هميشه کيس ڪاميابي نصيب ٿي. ميرپور خاص جي هڪ ملاکڙي ۾ ڪشتي جي مشهور پهلوان اڪرم کي شڪست ڏيڻ ڪري، ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر پاران کيس سورنهن ايڪڙ زمين انعام ۾ ملي. هو لاڳيتو ٻارهن سال ملهه وڙهيو. ان بعد گوڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏنائين. 1974ع ڌاري 35 سالن جي عمر ۾ پنهنجي ذات وارن جي هٿان ذاتي دشمنيءَ سبب کيس قتل ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو